حيدرآباد جنرل لائبريري

حيدرآباد جنرل لائبريري: هيءَ لائبريري انگريزن جي دور حڪومت دوران 1872ع ۾ انگريز آفيسرن ۽ حيدرآباد ۾ رهندڙ انگريزن کي پڙهڻ جون سهولتون ميسر ڪري ڏيڻ لاءِ قائم ڪئي هئي. شروع ۾ هيءَ لائبريري ”ٽريولرز بنگلي“ ۾ واقع هئي. لائبريريءَ جو انتظام ميونسپالٽيءَ جي حوالي هوندو هو. هن لائبريريءَ لاءِ عام ماڻهو به چندو ڏيندا هئا ۽ حڪومت پاران گرانٽ به منظور ٿيل هئي. شروعاتي زماني ۾ هن لائبريريءَ ۾ ستن هزارن ڪتابن جو ذخيرو هو، پر ورهاڱي کانپوءِ هيءَ لائبريري پنهنجو وجود وڃائي ويٺي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو